عمران خان کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار حڪمران هوندا: اسد عمر

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو ڪوبه ڪارڪن ڊڄڻ وارو ناهي، عمران خان کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار حڪمران هوندا.
اڳوڻي وفاقي ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن مون کي سينئر آفيسر جو فون آيو هو جنهن ۾ چيو ويو ته ملتان ۾ عمران خان کي خطرو آهي، آفيسر چيو ته اسٽيج تي بليٽ پروف شيشو استعمال ڪريو ڇو ته مون کي حڪومت طرفان عمران خان کي ٿريٽ جو خط مليو آهي. اسد عمر چيو ته خط ۾ چيو ويو آهي ته هڪ بلٽ پروف گاڏي حڪومت ڏيندي باقي انتظام پارٽي ڪري ۽ چيو ويو ته عمران خان کي ٿريٽ آهي جنهن لاءِ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
اسد عمر چيو ته عمران خان جي سيڪيورٽي حڪومت جي ذميواري آهي جيڪڏهن غير حڪومتي شخصيت جي حفاظت حڪومت ڪري سگهي ٿي ته عمران خان جي ڇو نه؟ گذريل رات بني گالا ۾ پوليس جي وڏي نفري آئي هئي ۽ انهن سان گڏ قيدين جي وين سميت ٻيون به گڻيون گاڏيون هيون. پوليس جو موقف هو ته سيڪيورٽي سروي ڪرڻ آيا آهيون. هنن کي خبر هئي ته عمران خان هتي ناهي پوءِ هي هتي ڇو آيا هئا. مون کي لڳي ٿو ته هي شايد عمران خان کي ڊيڄارڻ آيا هئا، هن چيو ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف پرامن سياست تي يقين رکي ٿي، حڪومت سوچي رهي آهي اهڙن قدمن سان اسان ڊڄي وينداسين. اسان کان ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان جو ڪوبه ڪارڪن هنن کان ڊڄڻ وارو ناهي.
اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي ڪجهه به ٿيو ته ملڪ ۾ رد عمل جي ذميوار حڪومت هوندي، حڪومت چونڊن جي تاريخ ڏئي ۽ معاملو حل ڪري. مون کي شهبازشريف تي ترس اچي رهيو آهي ان وٽ ڪي به اختيار نه آهن. پر هاڻ هنن جي نڪرڻ جو هڪ ئي رستو آهي ۽ اهو رستو صرف چونڊون آهن. شهباز شريف کي اهو سمجهه ۾ نه پيو اچي ته کيس ڪنهن هتي اچي ويهاري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔