شيرين مزاري جي گرفتاري خلاف اڄ احتجاج ڪنداسين: عمران خان

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته شيرين مزاري جي گرفتاري خلاف اڄ تحريڪ انصاف طرفان اڄ احتجاج ڪيو ويندو.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان شيرين مزاري جي گرفتاري خلاف بيان ڏيندي چيو ته اسان جي سينئر اڳواڻ شيرازين مزاري کي سندس گهر ٻاهران گرفتار ڪيو ويو آهي هو مضبوط ۽ بهادر اڳواڻ آهي. هن چيوته امپورٽيڊ حڪومت فاشزم ذريعي اسان کي جهڪائڻ چاهي ٿي ته اها سندس ڀُل آهي. اسان جي تحريڪ مڪمل طور تي پرامن آهي ۽ اڄ اسان هن واقعي خلاف احتجاج ڪنداسين.
عمران خان چيو ته سڀاڻي ڪور ڪميٽي اجلاس کان پوءِ لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪندس. ياد رهي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري کي اڄ سندس گهر ٻاهران گرفتار ڪيو ويو شيرين مزارين کي اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ڪيو سندس خلاف ڊي جي خان ۾ پراڻو ڪيس داخل ٿيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔