پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري گرفتار

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري کي گرفتار ڪيو ويو آهي

پوليس موجب اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ٽيم اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري کي گرفتار ڪيو آهي

 شيرين مزاري خلاف ڊي جي خان ۾ هڪ ڪيس داخل ٿيل هو، اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ٽيم اسلام آباد پوليس جي مدد سان ڪوهسار ٿاڻي جي حد مان شيرين کي گرفتار ڪيو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ افتخار دراني به شيرين مزاري جي گرفتاري جي تصديق ڪندي سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ته شيرين مزاري کي ڪجهه دير اڳ سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔