وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي: زيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن واري دوري تي ڪراچي پهچي ويو، وزاعظم شهباز شريف ڪراچي جي شپ يارڊ جو دورو ڪندو ۽ انجنيئرنگ ورڪس جي افتتاحي تقريب ۾ خصوصي مهمان طور شرڪت ڪندو.
وزيراعظم شريف اسلام آباد کان ڪراچي جي فيصل ايئربيس پهتو، وزيراعظم سان گڏ ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل ۽ وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ خصوصي معاون سيد حسين شاهه به ڪراچي پهتا.
وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي شپ يارڊ جو دورو ڪرڻ کانپوءِ وزيراعليٰ هائوس پهچندو جتي ڪراچي اندر امن امان جي صورتحال تي اجلاس جي صدارت ڪندو جڏهن وزيراعظم شهباز شريف وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪراچي جي واپارين سان ملاقات پڻ ڪندو جنهن دوران ملڪ ۾ پيش ايندڙ معاشي مشڪلاتن کان بچڻ لاءِ واپارين جون تجويزون ٻڌندو.
ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف ن ليگ جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن سان ملاقات پڻ ڪندو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف شام جو اسلام آباد روانو ٿي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔