پاڪستان آءِ ايم ايف کي هلندڙ هفتي تيل ۽ بجلي تي سبسڊي ۾ وڏي گهٽتائي جي خاطري ڪرائي ڇڏي

دوها : پاڪستان آءِ ايم ايف کي ايندڙ هفتي ئي بجلي ۽ تيل تي سبسڊي ۾ گهٽتائي جي خاطري ڪرائي ڇڏي.

پاڪستان ۽ آءِ ايف ايف وچ اڄ ٽيڪنيڪي ڳالهين جو ٽيون دور ٿيو ۽ دوحا ۾ موڪل هئڻ باوجود ڳالهيون جاري رهيون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني وفد ناڻي واري سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ ٽن ڏينهن وارين ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستاني وفد معيشت جي صورتحال ۽ بجلي توڙي گئس جي اگهن تي پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي.  پاڪستان بجلي ۽ گئس تي سبسڊي جي مڪمل خاتمي بدران قسطن ۾ ان جو خاتمو ڪندو.

ذريعن موججب پاڪستان طرفان سومر کان پهرين بجلي ۽ تيل تي سبسڊي ۾ خاطر خواهه گهٽتائي جي خاطري ڪرائي وئي آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف کي بجلي ٺاهڻ وارن ڪارخانن جي خانگائڻ جو پروگرام به ڏنو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ملڪيتي ادارن جي خانگائڻ وارو شيڊول به آءِ ايم ايف کي ڏنو ويو آهي ۽ پاليسي ريٽ ۾ وڌيڪ اضافي بابت پاڪستان رعايت گهري آهي.

پاڪستان موقف اختيار ڪندي چيو ته  پهريان کان وڌيڪ پاليسي ريٽ ۾ وڌيڪ اضافي سان ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿينديون ۽ ڪاروباري سرگرمين جي متاثر ٿيڻ سان معيشت تي ناڪاري اثر پوندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔