اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان پنجاب حڪومت تي ڪو فرق نه پوندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: وفاقي وزير مريم اورنگزيب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته جنهن تيزي سان پي ٽي آءِ جي ريفرنس تي فيصلو آيو آهي،اُنهي تيزي سان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي به فيصلو ڏنو وڃي

مريم اورنگزيب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته 25 باغي ميمبرز جي ڊي سيٽ ٿيڻ باوجود نواز ليگ ۽ اتحادين  جي ميمبرز جو انگ 177 ٿئي ٿو

هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ سندن اتحادين وٽ رڳو 172 ميمبرز آهن، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان پنجاب حڪومت تي ڪوبه اثر نه پوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔