مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو: سنڌ جي 14 ضلعن اندر 32 هزار739 اميدوارن نامزدگي فارم ڀرائي ڇڏيا

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سنڌ صوبي اندر پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ٿيندڙ

 بلدياتي چونڊن لاءِ فارم ڀرائيندڙ اميدوارن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

 اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل تفصيلن مطابق پهرين مرحلي ۾ 26 جون تي سکر، گهوٽڪي، خيرپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، لاڙڪاڻي، نوشهرو فيروز، سانگهڙ، نوابشاهه، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ چونڊ ٿيندي

 پهرين مرحلي ۾ ٿيندڙ 14 ضلعن اندر ڪل 32 هزار 739 اميدوار نامزدگي فارم ڀرائي ميدان ۾ آيا آھن جن ۾ پهرين مرحلي ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ 14 ضلعن ۾ يونين ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي 4693، ميونسپل ڪاميٽي،يوسي ۽ تعلقي ڪائونسلن ۾ جنرل سيٽن تي 23 هزار 637 اميدوارن ۽ ضلعي ڪائونسلن جي جنرل سيٽن تي 4 هزار 409 اميدوارن فارم ڀرايا آھن. نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال جاري  آھي، جنھن بعد اپيلون داخل ڪيون وينديون جن کي رٽرننگ آفيسر ٻڌڻيون ڪري اڪلائيندا

روائيز لسٽ جاري ٿيڻ بعد اميدوار هٿ کڻي سگهندا ۽ فائنل لسٽ جاري ڪئي ويندي، اميدوارن کي چونڊ نشان 28 مئي تي الاٽ ٿيندا، 29 ڏينهن بعد 26 جون تي پولنگ ٿيندي. پولنگ صبح اٺين وڳي کان شام پنج وڳي تائين جاري رهندي، قطعي  چونڊ نتيجا چئن ڏينهن بعد 30 جون تي جاري ٿيندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔