انفينڪس جي هيءَ موبائيل ڪجهه منٽن ۾ فل چارج ٿيندي

انفينڪس نوٽ 12 سيريز کي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ پهريون دفعو هڪ فون ۾ ڪمپني 100 واٽ کان وڌيڪ فاسٽ چارجنگ سپورٽ به فراهم ڪئي آهي .

هي سيريز نوٽ 12 ۽ نويٽ 12 وي آءِ پي تي ٻڌل آهي.

ان نوٽ 12 وي آءِ پي وڌيڪ بهتر فون آهي جنهن سان گڏ 120 واٽ هائپر چارج سپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي ۽ ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته بيٽري ٻڙي کان 100 سيڪڙو تائين رڳو 17 منٽن ۾ چارج ٿي سگهي ٿي.

فون فاسٽ چارجنگ لاءِ ڊوئل چارج پمپ اپ ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو ويو آهي ۽ رڳو 10 منٽن اندر بيٽري ايتري چارج ٿي ويندي آهي جو لڳاتار 6 ڪلاڪن تائين گيمز کيڏي سگهجي ٿي ۽ يوٽيوب تي ويڊيوز ڏسي سگهن ٿا.

نوٽ 12 وي آءِ پي ۾ 4500 ايم اي ايڇ بيٽري آهي ۽ فون چارجر جا 103 پروٽيڪشن فيچر به ڏنا ويا آهن .

ڪمپني ٻڌايو آهي ته فون جي بيٽري 800 ڀيرا چارج ڪرڻ تي به بيٽري جي 85 سيڪڙو گنجائش برقرار رهندي آهي.

هن فون ۾ 6.7 انچ جو اموليڊ ڊسپلي ايف ايڇ ڊي ايس ريزولوشن ۽ 120 هرٽرز ريفرشن ريٽ سپورٽ پڻ موجود آهي جڏهن ته ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 96 پراسيسر ڊيوائس جي اندر موجود آهي.

نوٽ 12 وي آءِ پي جي هڪ خاص ڳالهه هن جي 108 ميگا پڪسل جي ڪيمرا آهي جنهن سان گڏ 13 ميگا پڪسل ٻيون ڊيپٿ ڪيمرائون ڏنيو ويون آهن جڏهن ليزر آٽو فوڪس سسٽم به ان ڪيمرا سيٽ اپ جو حصو آهي.

ان سان گڏوگڏ انفينڪس نوٽ 12 به پيش ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ به هيليو جي 36 پراسيسر استعمال ڪيو ويو آهي.

هن فون ۾ 6.7 انچ جو اموليڊ ڊسپلي ڏنو ويو آهيپر ريفريشن ريٽ نوٽ 12 وي آءِ پي کان گهٽ آهي.

اهڙي نموني فون جي بيڪ تي 50 ميگا پڪسل مين ۽ 2  ميگا پڪسل هيپلز ڪيمرا تي ٻڌل ڊيوائس ڪيمرا سيٽ اپ موجود آهي.

نوٽ 12 لاءِ 5000 ايم ايڇ بيٽري 33 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي. ٻنهي فونن جي فرنٽ تي 16 پڪسل سيلفي ڪيمرا موجود آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 12 آپريٽنگ سستم تي ٻڌل ايڪس او ايس 10.6 سافٽ ويئر استعمال ڪيو ويو آهي.

ٻنهي فونن ۾ 8 جي بي ريم ڏني وئي آهي پر ان ۾ 5 جي بي تائين ورچوئل ريم جو واڌارو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ڊوئل اسپيڪرز پڻ موجود آهن.

ڄاڻايل فونز جلد مختلف ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيا ويندا.

انفينڪس نوٽ 12 وي آءِ پي جي قيمت 300 ڊالر ( 58 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ) جڏهن ته نوٽ 12 جي 200 ڊالر ( 39 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ) هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔