حڪومت آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، ڪامران فضل نئون آءِ جي مقرر

ڪراچي: سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، ڪامران فضل کي نئون آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.
آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي عهدي تان هٽائي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي رپورٽ جاري ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ تازن دهشتگردي جي واقعن ۽ پوليس جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
مشتاق مهر کي وفاقي ڪابينه جي منظوري کان پوءِ 2020ع ۾ آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي.
ياد رهي ته ڪراچي ۾ هڪ مهيني دوران ٽن ڌماڪن کان پوءِ آءِ جي سنڌ جي تبديلي عمل ۾ آندي وئي آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ طرفان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪامران فضل کي نئين آءِ جي جي چارج ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔