سنڌ حڪومت ماستريءَ جي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ حڪومت ماستري لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کي خوشخبري ٻڌائيندي پاسنگ مارڪس گهٽائي ڇڏيون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 35870 استادن جون جايون خالي آهن، هڪ استاد کي 30 شاگردن کي پڙهائڻ گهرجي، ان حساب سان کوٽ آهي،24617  اميدوار پاس ٿيا آهن، تعلقي سطح تي استادن کي آرڊر ڏنا ويندا.

هن چيو ته ٽيچرس جي ٽيسٽ ۾ گهٽ اميدوار پاس ٿيا آهن، سنڌ ۾ نون استادن جي ڀرتين کي يقيني بڻائڻ ۽ ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ اسان مجموعي طور تي 40 مارڪس تي ڪامياب ٿيڻ جو شرط منظور ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته هارڊ ايريا ۾ 40 مارڪن وارو استاد مقرر ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ جن تعلقن ۾ استاد گهٽ پاس ٿيا آهن ته انهن کي 40 مارڪن تي ڇو پاس نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته 40 کان گهٽ وارن جي ٽريننگ ڪري مهيني کان پوءِ ٻيهر ٽيسٽ وٺنداسين.

سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻارن کي تعليم جي فراهمي لاءِ اسان کي اميدوارن کي مارڪس ۾ رعايت ڏيڻي پوندي، تنهن ڪري اسان 136 مان 118 تعلقن ۾ مارڪون گهٽ رکڻ جي حڪمت عملي جوڙي آهي ته جيئن نون استادن کي ڀرتي ڪري ٻارن کي تعليم فراهم ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔