ڪراچي ۾ ٿيندڙ تازن ڌماڪن ۾ ڀارتي ايجنسي(را) ملوث آهي

ڪراچي: ڪراچي ۾ تازو ٿيندڙ ڌماڪن بابت قانون لاڳو ڪندڙ اداري تجزياتي رپورٽ تيار ڪري ورتي. ڪراچي ۾ ٿيندڙ تازن ڌماڪن بابت قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي تجزياتي رپورٽ ۾ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن.
رپورٽ موجب ڪراچي ۾ ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي سميت ٽنهي بم ڌماڪن ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي(را) ملوث آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي جي علائقي صدر ۽ کارادر جي بولٽن مارڪيٽ ڌماڪن ۾ 3 دهشتگرد گروپن هڪ ٻئي جي مدد ڪئي.
رپورٽ موجب متحده لنڊن جي سليپر سيل مان مبينه طور تي علائقي جي ريڪي جو ڪم ورتو ويو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ماضي ۾ اهڙي طرح جا بم ٺاهڻ ۽ لڳائي ڌماڪا ڪرڻ جو ڪم پابندي مڙهيل بي ايل اي جو طريقو رهيو آهي
جڏهن ته ايس آر اي به صوبي جي اندروني علائقن ۾ اهڙو ڪم ڪندي رهي آهي. رپورٽ موجب تازن ڌماڪن ۾ بم لڳائڻ ۽ ڌماڪن ۾ پابندي مڙهيل ايس آر اي جي مدد ورتي وئي آهي جڏهن ته ڌماڪن جو مقصد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ واپاري علائقن کي به نشانو بنائڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔