سنڌ ۾ نائين ۽ ڏھين درجي جا امتحان شروع، ڪاپي جي ڌم متل

ڪراچي: سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا آھن، جڏھن تھ ڪاپي جي ڌم متل آھي
سکر، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو ۽ بينظيرآباد تعليمي بورڊز تحت پيپر شروع ٿيڻ کان اڳ پرچا آئوٽ ٿيڻ جون شڪايتون سامھون آيون آھن

 گهوٽڪي، ڏهرڪي ۽ ميرپورخاص۾ انگريزي جو پرچو امتحان شروع ٿيڻ کان اڳ واٽس ايپ گروپس ۾ وائرل ٿي ويو

لاڙڪاڻو ۾ سنڌي ۽ نواب شاهه ۾ اردو جو پرچو آئوٽ ٿي ويو، سکر ريجن جي مختلف امتحاني سينٽرز تي انگريزي جو پرچو آئوٽ ٿي ويو،

نئون ڪوٽ، ڦلجي اسٽيشن،واهي پانڌي، جوهي ۽ ٻين شهرن ۾ امتحاني سينٽرز تي پابندي باوجود موبائيل فون ذريعي ڪاپي جي ڌُم متل رھي

مختلف شهرن ۾ بجلي بند هجڻ سبب شاگرد گرميءَ ۾ پيپر ڏيڻ تي مجبور رھيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔