نون ليگ جي حڪومت کان سستا روڊ ٺاهڻ تي وزيراعظم پاران اين ايڇ اي کي واڌايون

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سستا روڊ ٺاهڻ تي مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شفافيت ۽ ڊيجيٽلائيزيشن ذريعي عوام جو پئسو بچائڻ تي مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي کي مبارڪباد ڏيان ٿو.
4 لين هاءِ وي مسلم ليگ(ن) جي دور واري حڪومت کان 138 سيڪڙو کان گهٽ لاڳت تي ٺاهيا ويا. عمران خان چيو ته اين ايڇ اي جي محصولات ۾ 125 سيڪڙو اضافو ٿيو.
مواصلات واري وزارت 5 ارب روپين کان وڌيڪ جي ماليت جي زمين کي حددخلين کان خالي ڪرايو اهو سڀ عالمي قيمت ۾ واڌ ۽ افراط زرز سبب ممڪن ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔