سنڌ اندر سنگين ڏوهن ۾ ملوث پنجاسي جوابدارن جي سرن جي قيمت مقرر ڪرڻ جي سفارش

ڪراچي: سنڌ جي اعليٰ سطحي ڪميٽي سنگين ڏوهن ۾ ملوث 85 جوابدارن جي جي سرن جي قيمت مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب سنگين ڏوهن ۾ ملوث سنڏ جي مفرور ۽ گهربل جوابدارن جي سرن جي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ قائم اعليٰ سطحي ڪميٽي ٿيندڙ اجلاس ۾ سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن. ڪميٽي جي سامهون گڏيل طور تي 88 جوابدارن جا ڪيسز پيش ڪيا ويا هئا جنهن مان ڪراچي اندر بئنڪن جي ڦرن ۾ ملوث 7 جوابدارن جي بيڊ مني جي سفارش ڪئي هئي.

ڪميٽي شڪار پوليس طرفان اماڻيل 63 مان 61 جوابدارن جي ڪيسز منظوري ڏني جڏهن ته اڻ مڪمل دستاويزارت جي آڌار تي شڪارپور جي ٻن جڏهن ته سانگهڙ جي هڪ ڪيس کي رد ڪيو ويو. شڪارپور جي 61 جوابدارن مان 7 خطرناڪ ڌاڙيل به شامل آهن جن جي زنده گرفتاري يا مارڻ تي في جوابدار هڪ ڪروڙ روپيه انعام جي سفارش ڪئي وئي آهي.
فهرست ۾ شامل 45 جوابدارن مان مفرور نواز مارفاڻي، 35 ڪيسز ۾ گهربل ۽ مفرور جنيد تيغاڻي 32 ڪيسن ۾ ملوث عطا محمد شيخ، 29 ڪيسز جي جوابدار دائود شيخ، 27 ڪيسز ۾ نامزد ڌاڙيل علي نواز عرف مارفاڻي، 27 ڪيسز ۾ مفرور اڪبر تيغاڻي عرف دلدو تيغاڻي ۽ شڪارپور جو ڌاڙيل ياسين قادراڻي جتوئي شامل آهن جن جي گرفتاري يا مارڻ تي هڪ هڪ ڪروڙ روپيه انعام ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. اهڙي طرح شهيد بينظير آٻاد ڊسٽرڪٽ طرفان اماڻيل 17 ڪيسز جي منظوري پڻ ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔