واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران آمريڪا سان معاملو طئي ڪرڻ چاهي ٿو، ايران کي جنازي لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني آهي. آمريڪا جي 250هين يومِ تاسيس جي تقريبن جي شروعات ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان هڪ ئي ڏينهن ۾ وينزويلا کي شڪست ڏني، ۽ ايران کي به بري طرح نشانو بڻايو، اهي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ بيتاب آهن، اهي وڏي شدت سان سمجهوتو ڪرڻ چاهين ٿا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته اسان کين جنازي لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني، ڇاڪاڻ ته اسان سٺا ماڻهو آهيون، آمريڪا ڪڏهن به ڪنهن بادشاهه جي سامهون نه جهڪيو آهي، آمريڪا دنيا جو طاقتور ترين ملڪ آهي. ٽرمپ چيو ته آمريڪا آمريڪي ڪلچر کانسواءِ آزاديءَ جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي، آمريڪا کان وڌيڪ دنيا مان بک جو خاتمو ڪنهن به ناهي ڪيو، آمريڪا پنهنجي پاڙيسرين جي ڏکي وقت ۾ هميشه مدد ڪئي آهي، آمريڪي تمام مضبوط قوم آهن. آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا امن پسند آهي پر ڪنهن به خطري کي برداشت نه ڪندو، اسان دنيا جي طاقتور ترين فوج ٺاهي آهي، آمريڪا ٻه عالمي جنگيون کٽيون، بائيڊن انتظاميا آمريڪا کي تباهه ڪري ڇڏيو، ٻه سال اڳ تائين دنيا اسان تي کلندي هئي، هاڻي عزت ڪندي آهي.
تبصرے بند ہیں۔