ايران سيمرغ راڪيٽ ڪاميابيءَ سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيو

تهران: ايران هڪ سيٽلائيٽ ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايران جي بچاءَ واري وزارت جي ترجمان موجب سيمرغ نالي خلائي راڪيٽ 3 تحقيقي اوزارن کي 4 سئو ڪلو ميٽرن جي اوچائي تي مدار ۾ پهچايو.

تهران جو اهو راڪيٽ لانچ ويانا ۾ ايران ۽ اولهه ملڪن ۾ جاري ڳالهين جي عمل ۾ رنڊڪ جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.

ايران جي دعويٰ آهي ته ان جا بيلسٽڪ ميزائل ۽ خلائي پروگرام رڳو شهري ۽ دفاعي مقصدن لاءِ آهن پر اولهه ملڪ ان تي خدشن جو اظهار ڪن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔