پراجيڪٽ ڊائريڪٽراسان جي طلبي تي نٿو اچي ته پوليس پروٽوڪول ۾ گهرايونس ٿا: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ لائنز ايريا پراجيڪٽ ڪيس ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي عدم پيشي تي سندس خلاف 50 هزار روپين جي ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ ڪري ڪريا ڇڏيا

ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس ظفر راجپوت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن لائنز ايريا پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اسان جي طلبي تي به نٿو اچڻ چاهي ته وارنٽ جاري ڪري کيس پوليس پروٽوڪول ۾ گهرائي ٿا وٺونس

شهري غلامه فاطمه جي درخواست تي عدم پيشي تي عدالت پراجيڪيٽ ڊائريڪٽر جا وارنٽ جاري ڪندي لاڳاپيل ايس ايس پي کي 11 جنوري تي کيس پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ايڊووڪيٽ الطاف سحرعدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شهر ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف آپريشن جاري آهي ۽ آفيسرز به موجود آهن

عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪو آفيسر پاڻ نتو اچي سگهي ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد بابت رپورٽ ئي موڪلي ڇڏي ها، اسان وٽ گهرائڻ جا اختيار آهن، آفيسرز پروٽوڪول پسند ڪن ٿا ته کين پوليس ذريعي گهرائيندا آهيون

جسٽس ظفر راجپوت ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي اڳتي وڌڻو آهي، ضمانت نه ٿيڻ جوڳا به وارنٽ جاري ڪري سگهون ٿا، جواب ضرور اچڻ گهرجي، عدالت جي ڪاوڙ تي ڪي ڊي اي وڪيل ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ واپس وٺڻ جي به استدعا نه ڪري سگهيو

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔