پيپلز پارٽي طرفان سموري ملڪ ۾ گئس بحران خلاف مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڪراچي:  پيپلز پارٽي طرفان سموري ملڪ ۾ گئس بحران خلاف مظاهرا ۽ ڌرڻا، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جيالا گئس بحران خلاف رستن تي نڪري آيا

لاڙڪاڻو، ٽنڊو آڊم، جوهي ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرن دوران پي ٽي آءِ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي وئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جي نااهلي سبب سڄو ملڪ گئس بحران جي ور چڙهي ويو، عوام سياري ۾ گئس جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي

لاڙڪاڻي ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي نثار کھڙو ۽ ٻين چيو تھ وفاقي حڪومت سنڌ سان زيادتي ڪري رھي آھي، گئس جو بحران ڪري سنڌ جي عوام کي تنگ ڪيو پيو وڃي، پ پ خلاف سازشون ٿي ويون آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔