واٽس ايپ ڪيمرا ڊزائين ۾ تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو

واٽس ايپ موبائل ڪيمرا جي مدد سان شوٽنگ ڪرڻ ۽ سيلفي جي شوقينن لاءِ پنهنجي ايپليڪيشن ۾ اهم تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

واٽس ايپ ۾ تبديلين تي نطر رکندڙ ويب سائيٽ وي بيٽا انفو موجب واٽس ايپ گوگل تي بيٽا پروگرام تحت اپ ڊيٽ جو نئون ورجن 2.22.1.2 جاري ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب واٽس ايپ جي ايندڙ اپ ڊيٽ ۾ ڪيمرا کي ري ڊزائين ڪيو ويندو.

رپورٽ موجب اڃا اها تبديلي تجرباتي مرحلن ۾ آهي ۽ واٽس ايپ اڃا تائين ان جي ريليز جي حتمي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو پر جلد ان کي واٽس ايپ جو حصو بڻايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔