ڪراچي ۾ ڦر جو واقعو، فائرنگ ۾ ڊي ايس پي زخمي

ڪراچي: گلستان جوهر پرفيوم چوڪ تي ڦر جي واردات دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڊي ايس پي کي زخمي ڪري ڇڏيو، جوابدار ڊي ايس پي جي زال کان زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

شاهراهه فيصل ٿاڻي جي علائقي گلستان جوهر بلاڪ 18 پرفيوم چوڪ وٽ ڪار سوار ماڻهن کان هٿياربندن ڦر ڪئي ته مزاحمت ڪرڻ تي هنن فائرنگ ڪري هڪ شخص کي زخمي ڪري ڇڏيو.

زخمي جي سڃاڻپ 50 ورهين جي غلام مرتضيٰ راهو طور ٿي، جيڪو صوبائي وزير اسماعيل راهو جو ويجهو عزيز ٻڌايو پيو وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڊي ايس پي گهرواري سان گڏ شادي جي تقريب مان واپس گهر وڃي رهيو ته هٿياربندن کين روڪي ڦر لٽ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔