سيالڪوٽ واقعو: جوابدارن جو ٽرائل جيل ۾ ئي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن فيڪٽري مئنيجر پريانٿا ڪمارا جي قتل ڪيس جي جوابدارن جو ٽرائل جيل ۾ ئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

آر پي او گوجرانوالا چيو ته سيالڪوٽ سانحي ڪيس جي روزاني ٻڌڻي جيل ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، دهشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت جا جج جيل جو دورو ڪرڻ بعد ئي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندا

عدالتي ذريعن ٻڌايو ته سيالڪوٽ سانحي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي ٽرائل لاءِ باضابطا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن، ڊي پي او سيالڪوٽ فيڪٽري واقعي ۾ گرفتار جوابدارن جي ٽرائل لاءِ گهرو وزارت ذريعي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سيالڪوٽ جي هڪ اسپورٽس فيڪٽري ۾ مبينا طور تي مذهبي پوسٽر هٽائڻ جي الزام ۾ سريلنڪن فيڪٽري جي مئنيجر پريانٿا ڪمارا کي بيدردي سان قتل ڪري سندس لاش کي باهه ڏئي ڇڏي هئي

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔