گرين لائن پراجيڪٽ جو ڪريڊٽ نواز شريف کي وڃي ٿو: اويس قادر شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه ڪراچي ۾ گرين لائن منصوبي جو ڪريڊٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ڏيندي چيو آهي ته گرين لائن تي گھڻو ڪم رهيل آهي ۽ وزيراعظم افتتاح ڪهڙي شيءِ جو ڪري رهيو آهي.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام تي ڳالهائيندي اويس قادر شاهه چيو ته اسد عمر جي گذريل ڏينهن واري پريس ڪانفرنس ڪوڙ تي ٻڌل هئي، گرين لائن بس جي انفرا اسٽرڪچر ۾ گھڻو ڪم رهيل آهي، اهي افتتاح ڪهڙيءَ شيءِ جو ڪري رهيا آهن، پهريان پراجيڪٽ مڪمل ڪريو، آزمائشي طور تي هلايو ۽ پوءِ وري وزيراعظم کان افتتاح ڪرايو.

هن چيو ته وفاقي حڪومت ۾ ارسطو ويٺو آهي جنهن ڪالهه ايترو ڪوڙ ڳالهايو، اورينج لائن جي بسن لاءِ ادائگي به کين ٿي چڪي آهي پر ڪالهه هنن ڪوڙ ڳالهايو، اهي وزيراعظم سان اڄ اهو ئي ڪي سي آر او وارو ڊرامو ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته مون کي ڪالهه رات گرين لائن بس پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڪال آئي، ڪال ڪندڙ اهو به نه ٻڌايو ته تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڪٿي اچڻو آهي، مون کي خبر نه آهي ته افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي دعوت ڏني وئي آهي يا نه، وزيراعظم کي اڄ اچڻو هجي ها ته سرڪاري دعوت نامو ملي ها، منهنجو خيال نه آهي ته وزيراعظم ايندو، اسد عمر جي چوڻ تي جيڪڏهن وزيراعظم اچي ٿو ته ان جي عقل جو اندازو لڳايو.

اويس قادر جو چوڻ هو ته گرين لائن پراجيڪٽ جو ڪريڊٽ نواز شريف کي وڃي ٿو جنهن اهو پراجيڪٽ شروع ڪيو.

صوبائي وزير چيو ته ڊيزل هائبرڊ 250 بسن لاءِ ترڪ ڪمپني سان معاهدو ٿي چڪو آهي، 250 بسن مان 50 بسون فيبروري تائين پهچي وينديون، سڄي دنيا ۾ هن وقت لاجسٽڪس جا مسئلا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔