گرين لائن تي اڃان گهڻو ڪم رهيل آهي، وزيراعظم ڪهڙي شيءَ جو افتتاح ڪري رهيو آهي: اويس شاهه

ڪراچي: سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي جي وزير اويس قادر شاهه ڪراچي گرين لائن جو ڪريڊٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي ڏيندي چيو آهي ته گرين لائن تي اڃان گهڻو ڪم رهيل آهي، وزيراعظم ڪهڙي شيءَ جو افتتاح ڪري رهيو آهي.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي اويس قادر شاهه چيو ته اسد عمر جي گذريل ڏينهن واري پريس ڪانفرنس ڪوڙ تي ٻڌل هئي، گرين لائن بس جي انفرااسٽرڪچر ۾ گهڻو ڪم رهيل آهي. هي افتتاح ڪهڙي شيءَ جو ڪري رهيا آهن. پهرين پراجيڪٽ مڪمل ڪريو، آزمائشي طور تي ان کي هلايو، پوءِ وزيراعظم کان افتتاح ڪرايو.
اويس شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ۾ ارسطو ويٺل آهن جنهن ڪالهه ايترو ڪوڙ ڳالهايو، اورنج لائن جي بسن لاءِ ادائيگي به انهن کي ڪئي وئي آهي پر ڪالهه هنن ڪوڙ ڳالهايو، هي وزيراعظم سان اڄ ساڳيو ڪي سي آر وارو ڊرامو ڪرائي رهيا آهن. ٽرانسپورٽ کاتي جي وزير چيو ته مون کي ڪالهه رات گرين لائن بس پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ فون آيو، فون ڪندڙ اهو به نه ٻڌايو ته تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ڪٿي اچڻو آهي، مون کي اها به خبر ناهي ته افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي دعوت ڏني وئي آهي يا نه؟
وزيراعظم کي اڄ اچڻو هو ته سرڪاري دعوت نامو ملي ها، منهنجو خيال ناهي ته وزيراعظم ايندو. اسد عمر جي چوڻ تي جيڪڏهن وزيراعظم اچي ٿو ته پوءِ هنن جي عقل جو اندازو لڳائي وٺو. هن وڌيڪ چيو ته گرين لائن پراجيڪٽ جو ڪريڊٽ نوازشريف ڏانهن وڃي ٿو جنهن اهو پراجيڪٽ شروع ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔