راشد محمود سومرو پاران ڪچرو نئون ديرو ھائوس کڻي وڃڻ جو اعلان

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي يوسي 11 گندگي جو ڍير بڻجڻ تي جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد خالد محمود سومرو يوسي جو سمورو گند ڪچرو نئون ديرو ھائوس کڻي وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته يوسي 11 صفائي عملي کي روڪيو ويو آهي ته صفائي نه ڪئي وڃي، جنهن ڪري يوسي گندگي جو ڍير بڻجي وئي آهي

مولانا راشد محمود سومرو جو چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين چيو ھو ته اتحاد ڪر نه ته پنهنجي يو سي به نه کٽي سگهندي ۽ تازو ئي ان جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو به اھڙو بيان ڏنو آهي

هن چيو ته پ پ مخالف سياست ڪيون ٿا ان ڪري اھي سازشون ڪري ماڻهن جي دل مان اسان جي محبت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اڳ ۾ به گھران خرچ ڪري يوسي صاف ڪرائي ۽ ھاڻي به ڪرائڻ لاءِ تيار آھيون پر سڄو ڪچرو نئون ديرو ھائوس اڳيان اڇلائينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔