لاڙڪاڻو: ٻئي خودڪشي وارا نوٽ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي ئي لکيا هئا: رپورٽ

لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي وارو معاملو، لاڙڪاڻو. ڊاڪٽر نوشين جي لاش ويجهو ۽ ڊائري مان ملندڙ ٻن نوٽن جي فارنزڪ ۽ فنگر پرنٽس بابت 4 صفحن تي مشتمل رپورٽ جاري ٿي وئي. رپورٽ پوليس فارنزڪ ڊويزن ڪراچي پاران جاري ڪئي آهي

رپورٽ موجب ڊاڪٽر نوشين جي ڊائري مان مليل خودڪشي نوٽ، رجسٽر ۽ لاش ويجهو مليل خودڪشي نوٽ جي لکت ميچ ٿي وئي آهي. ٻئي خودڪشي وارا نوٽ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي ئي لکيا هئا. رپورٽ موجب ٻنهي خودڪشي نوٽن ۾ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي لکيو ته هو پنهنجي زندگي مان تنگ اچي چڪي آهي، ڪنهن دٻاءُ جي بغير پنهنجي مرضي سان خودڪشي ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر نوشين جي لاش ويجهو حاصل ڪيل فنگر پرنٽس جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔