ايف بي آر اسلام آباد ۽ ڪراچي سوڌو ڪيترن ئي شهرن جي غير متحرڪ ملڪيتن جي قيمت وڌائي ڇڏي

ڪراچي(م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڪراچي ۽ لاهور سميت 40 وڏن شهرن ۾ غير متحرڪ ملڪيتن جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي

ايف بي آر موجب غير متحرڪ ملڪيت ۾ ڪمرشل ۽ رهائشي اپارٽمنٽ، فليٽ ۽ ٻيون ملڪيتون شامل آهن، ان کان اڳ ايف بي آر 20 شهرن ۾ غير منقوله ملڪيتن جا اگهه مقرر ڪيا هئا

ايف بي آر موجب قيمتن ۾ واڌ جو مقصد ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کان وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ آهي، جن شهرن ۾ ريئل اسٽيٽ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي انهن ۾ اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، حيدرآباد، رحيم يار خان، سرگوڌا، گوادر، لاڙڪاڻو ۽ ٻيا شامل آهن

ايف بي آر جي پڌرائي موجب ڪراچي ۾ هر اضافي اسٽوري تي 25 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، اسلام آباد جي سيڪٽر اي سيون ۾ زمين جي قيمت ۾ اڍائي لک رپيا في چورس گز جو اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سيڪٽر ايف سڪس ۾ زمين جي قيمت 2 لک روپيا في چورس مقرر ڪئي وئي ان کان علاوه سيڪٽر ايف سيون ۾ 3 لک رپيا في چورس گز جڏهن تهه اي 11 ۾ زمين جي قيمت 1 لک 10 هزار رپيا في چورس گز مقرر ڪئي وئي آهي

اسلام آباد جي سيڪٽر ايف 8 ۾ زمين جي قيمت 2 لک رپيا في اسڪوائر يارڊ ۽ بليو ايريا ۾ دڪان جي قيمت 6 لک 80 هزار 420 رپيا في اسڪوائر فوٽ مقرر ڪئي وئي آهي

ٻئي طرف سيڪريٽري جنرل ريڪا احسن ملڪ چيو آهي ته ايف بي آر جي ملڪيتن جي قيمتن ۾ هڪ طرفي واڌ کي رد ڪيون ٿا، ايف بي آر کي ڪيترائي خط لکيا پر ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔