حريم شاهه سوشل ميڊيا سان پيسا پئسا ڪيئن ڪمائيندي آهي؟

ڪراچي: معروف ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه تازو هڪ ويب شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران هن پنهنجي پهرين پگهار، اعليٰ شخصيتت تائين پهچ سميت مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

حريم شاهه جو چوڻ هو ته جڏهن هن ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهڻ شروع ڪيون ته کيس اندازو نه هو ته ايتري فين فالوونگ ٿي ويندي، شروعات ۾ تنقيد به ٿي پر ايتري ڪاميابي به ملي ۽ سچائي به اهائي آهي ته جيتر تنقيد اوتري ڪاميابي به ملي

هن چيو ته ماڻهو کي پئسا قسمت سان ملندا آهن، ٽڪ ٽاڪ بنيادي طور تي ٽِڪ ٽاڪرز کي پئسا نه ڏيندو آهي پر ان ذريعي ڪيتريون ئي ڪمپنيون ٽِڪ ٽڪرز سان رابطي ۾ اينديون آهن

حريم شاهه جو چوڻ هو ته ٽڪ ٽاڪ جون وڊيوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ کيس به دبئي جي هڪ ڪمپني دبئي گهرايو، جنهن کانپوءِ هو ڪمپني جي سفير بڻجي وئي ۽ پنهنجي پهرين پگهار 6 لک رپيا ورتي، ان دوران هن ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا، پر پنهنجي خرچ تي ٿورن ملڪن جا دورا ڪيا

ٽڪ ٽاڪر جو چوڻ هو ته سندس ڪرنٽ اڪائونٽ 6 ملين فالورز سان ٽيون ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ آهي، مختلف وڊيوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ پهريان 2 اڪائونٽ بند ڪيا ويا هئا

شو دوران ميزبان حريم کان سندس شاندار لائف اسٽائل بابت به سوال ڪيو جنهن تي هن جواب ڏنو ته هن وقت تائين ٽڪ ٽاڪ طرفان ڪو به معاوضو نه ڏنو ويو آهي، پر ٽڪ ٽاڪ جي ڪري حال ئي ۾ اسنيڪ وڊيوز ۽ لائڪي پنهنجي پليٽ فارم تي اچڻ جي آڇ ڪئي ان سلسلي ۾ اسان کي 4 لک 85 هزار جا چيڪ ڏنا ويا ۽ چيو ويو ته اسان ان پليٽ فارمز تي اچي ڪري ان لاءِ وڊيوز ٺاهيون پر هن وقت تائين ٽڪ ٽاڪ طرفان پيسا نه ڏنا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔