منڇر ڍنڍ تي سياحن لاء ٺهيل ريسٽ هائوس جا ٽيئر ۽ گارڊر بہ چوري ٿي ويا

ٽنڊو رحيم خان: سياحت و ثقافت کاتي جي بي ڌياني سبب منڇر ڍنڍ تي سياحن لاء ٺهيل ريسٽ هائوس جا ٽيئر ۽ گارڊر بہ چوري ٿي ويا حد جي پوليس مڪمل طور بي خبر بڻيل.

سيد عبدالله شاه جي وڏ وزارت دؤران منڇر ڍنڍ تي سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ سياحن کي سهولتون ڏيڻ لاء ان وقت قائم ٿيل ريسٽ هائوس سياحت کاتي جي عدم دلچسپي ۽ بي ڌياني سبب مڪمل طور تباه ٿي ويا هئا، جڏهن تہ باقي بچيل بلڊنگ جا ٽيئر ۽ گارڊر بہ رات جي اونداهي ۾ چوري ٿي ويا.

ريسٽ هائوس پوليس اسٽيشن شاه حسن جي ڀرسان هجڻ باوجود شاه حسن پوليس مڪمل طور بي خبر بڻيل رهي ۽ چوري جي رڪوري لاء ڪي بہ جوڳا بندوبست نہ ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔