سمنڊ پار پاڪستاني ووٽ جو حق وٺڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن پهچي ويا

اسلام آباد:سمنڊ پار پاڪستاني ووٽ جو حق وٺڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن پهچي ويا، اليڪشن ڪميشن ۾ يادداشتنامو جمع ڪرايو ويو سمنڊ پار پاڪستانين جو چوڻ آهي ته اسان جي ووٽ جي حق تي سياست ڪئي وڃي ٿي، اي وي ايم هجي يا ٻيو ڪجهه، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي

سمنڊ پار پاڪستانين جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ ڪجهه ماڻهو کين ووٽ جو حق نٿا ڏيڻ گهرن، اسيمبليز ۾ وڃڻ جو ڪوبه شوق نه آهي، پر مڪاني چونڊن ۾ اسان کي به شامل ڪيو وڃي، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گِل چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن کان واقف آهيون، اُهي پنهنجو حق گهرن ٿا ته چيو وڃي ٿو کين سياست جي خبر ناهي، پي ٽي آءِ سمنڊ پار پاڪستانين سان گڏ آهي، اُهي پنهنجي حق لاءِ ڌرڻو هڻندا ته آئون به شامل ٿيندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔