سنڌ حڪومت ايس ٽي ايس طرفان اين ٽي ايس خلاف داخل ٿيل درخواست جواب لاءِ مهلت گهري ورتي

ڪراچي: سنڌ حڪومت ايس ٽي ايس طرفان اين ٽي ايس خلاف داخل ٿيل درخواست جواب لاءِ مهلت گهري ورتي آھي، سنڌ ٽيسٽنگ سروس ميڊيڪل ٽيسٽ جو ٺيڪو اين ٽي ايس کي ڏيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اين ٽي ايس کي ميرٽ تحت ٺيڪو نه ڏنو ويو آهي، ميڊيڪل ٽيسٽ واري ٺيڪي لاءِ ايس ٽي ايس طرفان 149 رُپيا في اُميدوار جا واڪ ڏنا ويا، اين ٽي ايس وري 200 رُپيا في اُميدوار جي حساب سان واڪ ڏنا، گهٽ واڪ ڏيڻ باوجود ٺيڪو ايس ٽي ايس کي نه ڏنو ويو، عدالت سنڌ کي جواب لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔