ڪراچي ۾ ھندن جي 13 مندرن تي قبضي جو انڪشاف

ڪراچي: ڪراچي ۾ ھندن جي 13 مندرن تي قبضي جو انڪشاف ٿيو آھي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آھي، درخواست ڪيليش ڪمار طرفان داخل ڪئي وئي آھي

درخواست ۾ درخواستگذار جو چوڻ ھو تھ ڪراچي ۾ واقع 13 مندرن تي لينڊ مافيا گھڻي وقت کان قبضو ڪري رکيو آھي، ھنومان مندر فيريئر روڊ، گجرات نگر شيو ٽيمپل، ناگ ناٿ مندر، مري ماتا ٽيمپل سوڌو 13 مندر شامل آھن

درخواست ۾ چيو ويو آھي تھ مندرن تي قبضي مافيا قبضو ڪري ھندن کي عبادت جي ھق کان محروم ڪري ڇڏيو آھي، درخواستگذار موجب ھندن کي عبادت ۽ سار سنڀال کان روڪڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آھي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آھي تھ سنڌ سرڪار کي حڪم ڏنو وڃي تھ مندرن وٽان حددخليون ختم ڪيو ڃن، مندر سٺي شھريت رکندڙ ھندو ڪميونٽي جي حوالي ڪيا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔