بجلي ۽ گئس ناياب، لڳي ٿو اسان وٽ وري پٿرن جو دور اچي ويندو: سعيد غني

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي تھ بجلي ۽ گئس مهانگيون ٿيڻ کانپوءِ ناياب ٿي ويون، لڳي ٿو اسان وٽ وري پٿرن جو دور اچي ويندو، سڀ کان وڏو مسئلو ھن وقت گئس بحران آھي، عوام سان زيادتي ٿي رھي آھي

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو گئس بحران آهي، وفاقي وزير پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ بهانو ڪن ٿا ته گئس لائين نه هجڻ ڪري بحران ٿيو آهي، گئس پائيپ لائينز وڇائڻ کي 2 مهينا گذري ويا پر مسئلو حل ناهي ٿيو، ٻارن جي اغوا ۽ جنسي زيادتين جا واقعا روڪڻ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، سماجي بُراين کي روڪڻ لاءِ هر ماڻهو کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔