صدر جي وڪٽوريا شاپنگ سينٽر کي به اوچتو باهه

ڪراچي: ڪراچي ۾ مارڪيٽس ۽ دڪانن کي باهه لڳڻ جا واقعا پيش اچڻ جو سلسلو جاري، صدر جي وڪٽوريا شاپنگ سينٽر کي به اوچتو باهه وڪوڙي وئي، فائر برگيڊ عملو باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آھن

اختيارين جو چوڻ آهي ته وڪٽوريا شاپنگ سينٽر جي پنجين فلور تي اوچو باهه ڀڙڪي پئي، گودامن ۾ ڪپڙي سوڌو ٻيو سامان هجڻ سبب باهه وسائڻ ۾ ڏکيائيون

وڪٽوريا شاپنگ سينٽر کي باهه لڳڻ بعد زينب مارڪيٽ ۽ انٽرنيشنل مارڪيٽ سوڌو آسپاس جا دڪان بند، وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي ۽ ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور باهه تي ڪنٽرول جي هدايت ڪري ڇڏي آھي

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته ڪوآپريٽو ۽ وڪٽوريا مارڪيٽ کي باهه لڳڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔