اپوزيشن وارا پُراڻي ڪرپٽ سسٽم جي پيداوار آهن ۽ تبديلي اچڻ نٿا ڏين:وزيراعظم

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ ڏيڍ سالن کان هر هر گذارش ڪرڻ باوجود اپوزيشن اي وي ايم تي ڳالهيون نه ڪيون ۽ نه ئي تجويزون ڏنيون، اليڪشن ڪميشن به اپوزيشن پارٽيز جي ٺهيل آهي، اپوزيشن جيان اليڪشن ڪميشن به سينيٽ چونڊن ۾ اوپن بيلٽ جي مخالفت ڪري ڇڏي، ٻڌايو ته اوپن بيلٽ ۽ اي وي ايم مشين سان اسان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟

وزيراعظم عمران خان پارلياماني ميمبرز کي خطاب دوران چيو آهي ته 50 سالن کان شفاف چونڊون نه ڪرائي سگهيا آهيون، جيڪا قوم اخلاقي جرئت سان انصاف نه ڪري ته اُها تباهه ٿي ويندي آهي، سڀني کي خبر آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ پئسو هلندو آهي، سينيٽ چونڊن دوران پئسن جون وڊيوز آيون پر ڪوبه ايڪشن نه کنيو ويو، اپوزيشن وارا اي وي ايم مشين تي تجويزون ڏيڻ بدران رڳو گوڙ ڪري رهيا آهن، اهي پُراڻي ڪرپٽ سسٽم جي پيداوار آهن ۽ تبديلي اچڻ نٿا ڏين، اسان کي تبديلي آڻڻي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔