سنڌ جي 4 ڪامورن طرفان اھم عھدن تان چارجون نه ڇڏيون ويون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي 4 ڪامورن جون وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران خدمتون واپس وٺڻ باوجود سيڪريٽرين پاران سنڌ جي اهم عهدن تان چارجون نه ڇڏيون ويون، صحت کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي چيئرمين حسن نقوي، پي پي ايڇ آء جي چيف زاهد عباسي ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري خالد حيدر شاھ اڃا عهدن تي ويٺل آھن

وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران ڪالھ ڄاڻايل ٽن ڪامورن کي اسٽبلشمينٽ ڊويزين ۾ رپورٽ ڪرڻ ۽ خالد حيدر شاھ جون خدمتون خيبرپختونخواه حڪومت حوالي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، سنڌ سرڪار حوالي ڪيل 4 وفاقي سروسز جا ڪامورا عاطف رحمان، نورين بشير، خالد سليم ۽ علي حسن ملڪ به سنڌ ۾ نه پهتا

سروسز کاتي جي ذريعن موجب روٽيشن پاليسي تحت سنڌ سرڪار جي ويجهن ڪامورن کي وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واپس ورتو هو، سنڌ کان واپس ڪامورن کي رليو ڪرڻ ۾ هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزين پاران خدمتون واپس ورتيون ويون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔