سنڌ ۾ مختلف کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تي 236 نوڪرين جي منظوري

ڪراچي: سنڌ سرڪار مختلف کاتن ۾ فوتي ڪوٽا جي تحت 236 نوڪرين جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، جنھن کانپوءِ ھن وقت تائين ان ڪوٽا ۾ منظور ٿيل نوڪرين جو انگ 7 ھزار13 ٿي ويو آھي

تفصيل موجب، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ جي صدارت ھيٺ فوتي ڪورٽا تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ اجلاس ٿيو، مختلف کاتن ۾ وفات ڪري ويل ملازمن جي ٻارن کي نوڪري ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آھي

اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سوڌو مختلف کاتن جي سيڪريٽريز شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ ٻڌايو تھ ھن وقت تائين فوتي ڪوٽا عملدرآمد تي 7013 نوڪرين جي منظوري ڏني وئي آھي

اجلاس دوران چيف سيڪريٽري سنڌ ٻڌايو تھ اجلاس جي ذريعي مختلف کاتن ۾ 236 نوڪرين جي منظوري ڏني وئي آھي، جنھن ۾ صحت کاتي ۾ 19، روينيو کاتي ۾ 11، بلدياتي کاتي ۾ 31، اسڪول ايجوڪيشن ۾ 74، ورڪس سروسز ۾ 4، ايڪسائيز کاتي ۾ 2، خوراڪ کاتي ۾ 1، ڪاليج ايجوڪيشن ۾ 15، قانون کاتي ۾ 2، آبپاشي کاتي ۾ 45، پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۾ 3، ڪو آپريٽ ۾ 2، محنت کاتي ۾ 2، سروس جنرل ايڊمنسٽريشن ۾ 9 ۽ زراعت کاتي ۾ 12 نوڪريون ڏنيون ويون آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔