ڪير به نٿو چئي سگهي ته پئسن تي ڪو اميدوارپاس ٿيو آھي: سردار شاھ جي دعويٰ

ڪراچي: تعليم ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ جو چوڻ آھي تھ آئون ڪنهن خانگي اسڪول ۾ نه پر سرڪاري اسڪول جي بينچ تي نم جي وڻ هيٺيان پڙھيو آهي، عمرڪوٽ جي تعليم کي تباھ ڪرڻ لاءِ سياستدانن مخلص ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀرپور نموني تباھ ڪيو آھي

تعليم ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد سردار شاھ عمرڪوٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تھ ڪراچي, سکر , شڪارپور ۽ عمرڪوٽ ۾ ھڪ جهڙا ئي مسئلا آهن، نظام کان لا تعلقي سبب تعليم تباھ ٿي آهي، جيڪو پڙھي نڪري ٿو اهو پنهنجي ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ پڙھائي ٿو ۽ واپس وڃي اسڪول کي ڏسي ئي نٿو، رڳو آئون ئي پنهنجي اسڪول کي ڏسان ها ته ايئن نه ٿي ها

سياستدان طور سمجهان ٿو ته ايم آر ڊي جي تحريڪ جي نتيجي ۾ رياست اهو نتيجو ڪڍيو ته پڙھيل لکيل ماڻهو ڪيئن وڙهي سگهي ٿو قلم وڏو هٿيار رهيو آهي ۽ ڪلاشنڪوف کان به وڏو هٿيار قلم آھي،1985ع ۾ تعليم جي تباھي شروع ڪئي وئي، بنا ميرٽ جي استاد ڀرتي ٿيا، ورهاڱي وقت ڪيترائي پڙھيل لکيل ماڻهو لڏي ويا ۽ ٻيو ڀيرو 1985ع ۾ تباھ ٿي، خالي آفر آرڊر هئا جن تي وڏيرا ماستر طور ڀرتي ٿيا، پير مظهر جي زماني ۾ تعليم ۾ ماسترن جي ڀرتي جي ٽيسٽ جي شروعات ٿي، معياري تعليم لاءِ ۽ علم جي منتقلي لاء ايئرڪنڊيشنڊ اسڪول هجڻ ضروري ناهي

سردار شاھ چيو تھ سائوٿ ضلعي ۾ وڏا اسڪول آهن جتي استادن جي ڀرتي ۾ 0.7 سيڪڙو پس ٿيا ۽ ڪورنگي ۾ اڍائي سيڪڙو پاس ٿيا, هينئر جن جي رزلٽ آئي آهي انهن جي ڪارڪردگي پندرهن سالن کانپوء پوندي، هن ٽيسٽ ۾ 8 سيڪڙو جي ايس ٽي ۽ اڍائي سيڪڙو پي ايس ٽي پاس ٿيا, هن ڀيري ڪير به نٿو چئي سگهي ته پئسن تي ڪو پاس ٿيو هجي، پنج سيڪڙو رعايت سان 8 هزار عورتون استاد ڀرتي ٿينديون, عورت کان وڌيڪ ڪو استاد ٿي نٿو سگهي

ھن چيو تھ استادن جي کوٽ ۾ ھينئر ئي ناهي, پر انهن جي مقرري جو مسئلو ناهي, اهي استاد ٻهراڙي ۾ پڙھائين نٿا ۽ شهرن ۾ اچي رهن ٿا پوء سندس ٻار خانگي اسڪول ۾ پڙھائين ٿا، پاڻ تي جيڪڏهن اعتماد ناهي ته پوءِ قوم جا ٻار ڪيئن پڙھائيندو، سسٽم پيراميڊڪ بڻيل آهن انهي کي ٽوڙڻو آهي, عمرڪوٽ ۾ 2500 پرائمري اسڪول مان نڪرندڙ ٻار جي لاء پرائمري ۽ پوسٽ پرائمري وارو گيپ ختم ڪرڻو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔