قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس، خالد مقبول ايم ڪيو ايم جو معاملو اٿاريو

اسلام آباد: سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرز تي ٻڌل قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ متحده قومي مومينٽ جي سربراهه خالد مقبول پنهنجي جماعت تي لڳل پابندين وارو معاملو اٿاريو

اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيل قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي قيادت کانسواءِ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ۽ ٻي اعليٰ عسڪري قيادت به شريڪ ٿي. اجلاس ۾ ٽي ايل پي سان معاهدي ۽ بندش پيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين بابت بحث ٿيو

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي سربراهه خالد مقبول اجلاس ۾ پنهنجي جماعت جو معاملو اٿاريو. هن چيو ته جيڪڏهن ٽي ايل پي بحال ٿي سگهي ٿي ته پوءِ ايم ڪيو ايم جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ پوليس وارن کي شهيد ڪرڻ کان تاڙي وڄائڻ واري دهشتگردي وڏي نه آهي. ذريعن موجب خالد مقبول چيو ته آفيسون کولڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهيون پر اڃا تائين اجازت نه پئي ملي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔