سکر:آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، خورشيد شاهه ۽ ٻين جوابدارن جي عدالت ۾ پيشي

سکر: سکر جي احتساب عدالت آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ نامزد پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ۽ ٻين جوابدارن خلاف شاهدن جي پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي آمدني کان وڌيڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ ڪيس ۾ نامزد جوابدار پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ۽ ٻيا جوابدار وڪيلن سميت عدالت پهتا، جڏهن ته ڪيس جا شاهد پيش نه ٿيا

ٻڌڻي دوران گرفتار پ پ ايم پي اي فرخ شاهه کي سينٽرل جيل مان بڪتربند گاڏي ۾ عدالت آندو ويو ۽ ايم پي اي فرخ شاهه جي ضمانت واري درخواست تي دليل ٻڌا ويا

نيب سکر پاران آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ خورشيد شاهه سميت 18 جوابدارن خلاف هڪ ارب 23 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو ريفرنس داخل ٿيل آهي، شاهدن جي غير موجودگي سبب عدالت ڪيس وڌيڪ ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔