ناظم جوکيو قتل ڪيس: وڪيلن جي احتجاج بعد جوابدار ايم پي اي کي هٿڪڙيون هنيون ويون

ڪراچي: ملير جي عدالت ۾ شهيد ناظم قتل ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي ايم پي اي ڄام اويس بجار ۽ ٻين جوابدارن جي پهچڻ تي ايم پي اي جي حامين پاران سندس حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته وڪيلن پاران شهيد ناظم جي حمايت ۾ نعرا هنيا ويا. وڪيلن پاران احتجاج ڪيو ويو ته قتل ڪيس جي جوابدار ايم پي اي کي هٿڪڙيون ڇو نه لڳل آهن، وڪيلن جي احتجاج بعد ايم پي اي کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل اڳواڻن چيو ته چيف جسٽس کي عدالت اندر جوابدارن جي حامين جي غنڊا گردي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هنن چيو ته اسان شهيد ناظم جوکيو جو ڪيس مفت ۾ وڙهنداسين ۽ جوابدارن کي منطقي انجام تي پهچائڻ تائين شهيد جي وارثن سان گڏ آهيون. ان موقعي تي شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءَ افضل جوکيو به چيو ته اسان ڪنهن به دٻاءَ کي جوتي تي رکنداسين، شهيد ڀاءُ جو انصاف ٿيڻ تائين جاکوڙ جاري رکنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔