عورتون هراسمينٽ جا ڪوڙا الزام هڻنديون ته مون ۽ اي ڊي خواجا جهڙن مردن کي پٺتي هٽايو ويندو: فروغ نسيم

اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته عورتن کي جنسي هراسمينٽ، لڄالٽ ۽ ٻين ڏوهن کان تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قانون ٺاهيا اٿئون. ٽو فنگر ٽيسٽ تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي ۽ هاڻي هراسمينٽ جو نشانو بڻيل عورتن خلاف ڪردار ڪشي ڪندڙ ڪو به مواد پيش ڪرڻ جي اجازت نه هوندي

وفاقي وزير اهڙو اظهار اسلام آباد ۾ پوليس جي تربيتي ڪورس واري تقريب کي خطاب دوران ڪيو. تقريب ۾ تربيتي سينٽر جو سربراهه اي ڊي خواجا به موجود هو. فروغ نسيم چيو ته ريپ جو نشانو بڻيل عورتن جي ٽو فنگر ٽيسٽ تي سموري دنيا ۾ پابندي لڳل آهي، پر پاڪستان ۾ اڄ به اها ٽيسٽ ٿي رهي آهي. اسان نئون قانون تيار ڪري ان ٽيسٽ تي پابندي لڳائي آهي

فروغ نسيم چيو ته جنسي هراسمينٽ جا الزام هڻندڙ عورتن جي خلاف عدالتن ۾ ڪردار ڪشي ڪندڙ مواد پيش ڪيو ويندو هو، هاڻي نئين قانون ۾ ان تي پابندي لڳائي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته هتي عورتن جي به ذميواري آهي ته اهي جنسي هراسمينٽ جا ڪوڙا الزام لڳائڻ کان پاسو ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن جنسي هراسمينٽ جا مردن جي خلاف ڪوڙا ڪيس سامهون ايندا ته مظلوم عورتن جا ڪيس به لڙهي ويندا ۽ مون ۽ اي ڊي خواجا جهڙن مردن جيڪي عورتن کي حق ڏيارڻ چاهين ٿا، انهن کي به پٺتي هٽايو ويندو

وفاقي وزير چيو ته نئين قانون تحت عورتن جو پيڇو ڪندڙ مردن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اهڙي دانهن ڏيندڙ عورت جي شڪايت تي ٿاڻي جو انچارج ڪارروائي ڪرڻ جو پابند هوندو. فروغ نسيم اي ڊي خواجا کي مخاطب ٿيندي چيو ته هنن تجويز ڪيل قانونن ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ توهان جون جيڪڏهن تجويزون سامهون اينديون ته انهن کي به شامل ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔