جنگشاهي ويجهو غيرقانوني شڪار جي وڊيو ريڪارڊ ڪندڙ نوجوان قتل، ڇرڪائيندڙ وڊيوز سامهون اچي ويون

ڪراچي/ملير/سجاول: جنگشاهي ويجهو ڪارو جبل واري علائقي ۾ بااثر شڪارين پاران مبينا طور غيرقانوني شڪار ڪرڻ تان ملير واسي نوجوان ناظم جوکيو کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ مقتول نوجوان جون موت کان اڳ واريون ڇرڪائيندڙ وڊيوز به سامهون آيون آهن

هڪ وڊيو ۾ مقتول نوجوان ناظم جوکيو غيرقانوني شڪار جو ذڪر ڪندي نظر اچي رهيو آهي ۽ ريڪارڊنگ دوران هڪ شخص کيس ٺونشو هڻي سندس ڪيمرا بند ڪندي نظر اچي رهيو آهي. ٻي وڊيو ۾ ناظم جوکيو پنهنجو بيان ڏيندي نظر اچي رهيو آهي ۽ اهو چئي رهيو آهي ته غيرقانوني شڪار جي ريڪارڊنگ ڪرڻ تي کيس ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. پنهنجي وڊيو بيان ۾ مقتول ناظم جوکيو پوليس جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته ون فائيو تي ڪال ڪرڻ باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي

مقتول ناظم جي وارثن جو چوڻ آهي ته غيرقانوني شڪار جي ريڪارڊنگ ڪرڻ تي گذريل رات هڪ ايم پي اي ۽ ايم اين اي پاران کيس کنڀرائي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ناظم جوکيو دم ڏنو. ناظم جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، وارثن پاران انصاف لاءِ ملير پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو آهي. وارثن مطالبو ڪيو آهي ته ناظم جوکيو جي قتل ۾ ملوث ايم پي اي ۽ ايم اين اي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔