ڪنڌڪوٽ پوليس وڌيڪ ٽن ڄڻن کي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ پوليس وڌيڪ ٽن ڄڻن کي عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته شهدادڪوٽ، صحبت پور ۽ گهوٽڪي سان واسطو رکندڙ رشيد خان، عباس علي ۽ منظور علي ڌاڙيلن ڏانهن ڪچي ۾ وڃي رهيا هئا ته کين روڪي اغوا ٿيڻ کان بچايو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪل ٽيم جي مدد سان ٽنهي ڄڻن کي فون ذريعي آگاهه ڪري ڪچي طرف وڃڻ کان روڪيو ۽ آگاهه ڪيو ته جن نمبرز تي اوهان رابطي ۾ آهيو اهي ڌاڙيلن جي ٽولن جا نمبرز آهن، هنن سان ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو، اهي اوهان کي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙي رهيا آهن

بازياب ٿيلن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل عورتاڻي آواز ۾ ڳالهائي ملڻ لاءِ ڪچي ۾ گهرايو هو، پر پوليس جي روڪڻ تي اسان اغوا ٿيڻ کان بچي ويا آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔