سکر: مبينا هراسمينٽ جو شڪار شاگردياڻي انصاف لاءِ ٽن سالن کان دربدر

سکر: سوڀوديرو ۾ هيڊ ماستر سوڌو اسڪولي عملي هٿان مبينا هراسمينٽ جو شڪار شاگردياڻي ٽن سالن کان انصاف لاءِ ڌڪاکائڻ تي مجبور بڻيل آهي

شاگردياڻي عليزه حطار سکر ۾ پنهنجي امڙ نصيران سان گڏ احتجاج ڪندي چيو آهي ته هيڊ ماستر خان محمد، غلام رسول ڀٽي، غلام شبير ڀاڳت ۽ نديم ملاح جنسي حراسان ڪيو، غريب هئڻ ڪري انصاف لاءِ ٽن سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان، حيدرآباد جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿئي ٿي پر جوابدار پيش نه ٿا ٿين

هن چيو ته جوابدار بااثر هئڻ ڪري پوليس هنن جي ونگار وهندي ڪيس بي ڪلاس ڪري ڇڏيو آهي، تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرز کي شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي

متاثر شاگردياڻي جو چوڻ آهي ته ٽن سالن کان گهر ۾ بند هئڻ سبب منهنجي تعليم تباهه ٿي وئي آهي، ڪيڏانهن وڃان، 3 سال اڳ آپگهات جي ڪوشش ڪئي هئي، ڇا هاڻي به خودڪشي ڪري مري وڃان؟.

هنن ملڪ جي چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير ۽ آٰ جي سنڌ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔