ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: افغانستان نميبيا کي 62 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

ابوظهبي : آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان نيميبيا کي 62 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ابوظهبي ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغانستان نميبيا خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنز ٺاهيون. افغانستان طرفان محمد شهزاد 45، حضرت الله زازئي 33 رنز ٺاهيون،
جڏهن ته محمد نبي ناقابل شڪست 32 ۽ اصغر افغان 31 رنز ٺاهي نمايان رهيا. نميبيا طرفان جوبين 2 ۽ اسمت هڪ وڪيٽ ورتي. 161 رنز جي جواب ۾ نميبيا مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي رڳو 98 رنز ٺاهي سگهي. نميبيا طرفان ڊيوڊ ويزي 26 رنز سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جان نيڪول 14، گيرهارڊ 12 ۽ وان لنگين 11 رنز ٺاهيون.
افغانستان طرفان نوين الحق ۽ حامد حسان 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون،جڏهن ته گلبدين نائب 2 ۽ راشد خان

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔