ڪورونا سبب دنيا ۾ 5 ملين انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون

واشنگٽن ڪورونا وبا هيل تائين سڄي دنيا ۾ 50 لک کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ڪري چڪي آهي.
اهي انگ اکر آمريڪي شهر بالٽي مور جي جانز هاپڪنز يونيورسٽي جي تازن اندازن ۾ سامهون آيا آهن.
محققن موجب ان دوران 246 ملين ماڻهن ۾ ڪورونا ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي.
جرمني جي تحقيقي اداري رابرٽ ڪوخ انسٽيٽيوٽ موجب نئين ڪورونا انفيڪشن جي هفتي وار سراسري 1548 تائين پهچي چڪي آهي، ان جي ڀيٽ ۾ هڪ هفتو اڳ اها شرح 1101 هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔