فيس بوڪ جي مالڪ ڪمپني جو نالو مٽائي ڇڏيو

فيس بوڪ جي باني مارڪ زڪربرگ فيس بوڪ جو نالو مٽائڻ جو اعلان سالياني ڊيولپرز ڪانفرنس ۾ ڪيو هو.
رپورٽن موجب فيس بوڪ جي ملڪيت ٻين ايپلي ڪيشنز فيس بوڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جا نالا نٿا مٽايا وڃن پر انهن جي پيرنٽ ڪمپني جو نالو META رکيو ويو.
انکان اڳ پيرنٽ ڪمپني کي به فيس بوڪ ئي چيو ويندو هو، هاڻي فيس بوڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ ميٽا جي ڇانوَن هيٺ ڪم ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔