نيپرا بجلي ٻه روپيه ايڪونجاهه پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: نيپرا ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 2 روپيه 51 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا چيئرمين جي سربراهي ۾ سيپٽمبر جي لاءِ بجلي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد م 2 روپيه 66 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ بابت سينٽرل پاور پرچيز ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران نيپرا اختيارين ٻڌايو ته سيپٽمبر ۾ ميرٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي سبب 2 ارب 7 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو اضافي بار پيو. سيپٽمبر ۾ ايل اين جي جي طلب 950 ۽ فراهمي 660 ايم ايم سي ايف ڊي هئي. ايل اين جي کوٽ سبب هڪ ارب 10 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو بار پيو.
ٻڌڻي دوران نيپرا چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو ويو ته گيس جي مقابلي ۾ فرنس آئل وڌيڪ استعمال ڇو ٿيو؟ سي پي پي اي ايل اين جي خريد ڪندڙن کي وقت تي آگاهي ڇو ناهي ڏيندو. جنهن تي نيپرا جي وائيس چيئرمين چيو ته گذريل 8-10 مهينن کان آر ايل اين جا مسئلا پيش اچي رهيا آهن. فيول جي حوالي سان وقت تي پلاننگ ڇو ناهي ڪئي وئي. اوهان جي طلب 950 ۽ سوئي گئس جي 800 ايم ايم سي ايف ڊي ملندي آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته طلب کي ناهي ڏٺو ويو، ان جو مطلب صارفين کي ڪيپٽي پيمنٽس جي ادائيگي ڪرڻي پوندي. نيپرا اختيارين جي پڇاڻي تي ايڊيشنل سيڪريٽري پاور ڊويزن چيو ته سيپٽمبر ۾ بجلي جي طلب 7 سيڪڙو وڌي آهي. ايل اين جي فراهمي ۾ رنڊڪون آهن. جيستائين نوان ٽرمينلز نٿا ٺهن. ايل اين جي جي فراهمي ۾ رنڊڪون رهنديون.
پاور ڊويزن جنوري تائين چئن مهينن جي ايل اين جي جي طلب ڏئي ڇڏي آهي ان کان علاوه فيبروري تائين بجلي جي پيداوار لاءِ فرنس آئل جي ڊمانڊ به ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا اختيارين چيو ته ڊيٽا جي جانچ پڙتال موجب 2 روپيه 51 پئسا بڻجن ٿا. آگسٽ ۾ هڪ روپيو 95 پئسا في يونٽ ايف سي اي جي مد ۾ چارج ڪيو ويو هو.
سيپٽمبر ۾ آگسٽ جي نسبت ايف سي اي جي مد ۾ 56 پئسا وڌيڪ چارج ٿي سگهن ٿا. جنهن کان پوءِ نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 2 روپيه 51 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو فيصلو لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ صارفين مٿان نه هوندو. صارفين کي ايندڙ مهيني جي بلن ۾ ادائيگي ڪرڻي پوندي. اٿارٽي ڊيٽا جي جانچ پڙتال کان پوءِ پنهنجو فيصلو بعد ۾ جاري ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔