سعودي عرب جي ريليف فنڊ جو آءِ ايم ايف سان ڪوبه تعلق نه آهي: شوڪت ترين

اسلام آباد: ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري لاءِ سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر ملندا. سعودي ريليف جو آءِ ايم ايف سان ڪو به تعلق نه آهي. اسلام آباد ۾ ناڻي واي صلاحڪار شوڪت ترين توانائي وزير وزير حماد اظهر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته تيل جي قيمتن ۾ دٻاءُ باوجود عوام کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون. ماضي ۾ تيل تي ليوي ورتي ويندي هئي. سعودي ولي عهد به چيو آهي ته پاڪستان اسان جي لاءِ اهم آهي.
شوڪت ترين چيو ته سعودي عرب 4.2 ارب ڊالرن جو پيڪيج ڏنو آهي. سعودي عرب ماهوار 10 ڪروڙ ڊالر ماليت جو تيل بهتر ادائيگين تي ڏيندو. سعودي عرب اسان جي ناڻي وارن ذخيرن ۾ بهتري لاءِ 3 ارب ڊالر ڏيندو. سعودي عرب کان ملندڙ رقم اسان جي لاءِ فائديمند آهي. شوڪت ترين چيوته اسان جي آمدني گهٽ آهي. هينئر جيڪا رپورٽ آئي آهي ان ۾ پاڪستان سستو ترين ملڪ آهي. تيل جي قيمتن ۾ دٻاءُ باوجود عوام کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون.
ان موقعي تي حماد اظهر چيو ته ڪورونا سبب سموري دنيا معاشي مسئلن جو شڪار آهي. معاشي تيزي لاءِ کنيل قدمن جا اثر کائڻ پيئڻ ۽ ٻين شين تي پيا آهن. سموري دنيا ۾ کاڌي پيتي ۽ انرجي شين جون قيمتون تيزي سان وڌيون. غريب هجي يا امير ملڪ هر جڳهه تي قيمتون وڌيون آهن. اميد آهي ته ايندڙ 6 مهينن تائين سڄي دنيا ۾ قيمتون گهٽ ٿينديون.
تيل جي قيمتن ۾ 450 ارب روپين جو ريليف ڏئي چڪا آهيون. ٻين سمورن ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون ڪافي گهٽ آهن. حڪومت گئس جون قيمتون ڪنٽرول ڪيون آهن ۽ يوريا ڀاڻ جون قيمتون به وڌڻ نه ڏنيون ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔