ڪراچي: نسله ٽاور کي خالي ڪرڻ لاءِ ڏنل مهلت جو اڄ آخري ڏينهن, سامان جي منتقلي جاري

ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ نسله ٽاور کي خالي ڪرڻ لاءِ ڏنل مهلت جو اڄ آخري ڏينهن آهي.
رپورٽ موجب نسله ٽاور مان آهستي آهستي سامان جي منتقلي وارو عمل جاري آهي. جڏهن ته ڪيترائي خاندان اڃان به عمارت ۾ رهائش پذير آهن. نسله ٽاور جي رهواسين جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي عمارت جي ٻاهران پوليس جي نفري مقرر آهي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ نسله ٽاور کي هڪ هفتي ۾ ڪنٽرولڊ بلاسٽنگ ذريعي ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. انتظاميه جي هدايت تي عمارت جي پاڻي، بجلي ۽ گيس جا ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا آهن ۽ رهواسين کي عمارت خالي ڪرڻ جي لاءِ نوٽيس به ڏنا ويا آهن.
ڪمشنر ڪراچي نسله ٽاور کي ڪيرائڻ جي لاءِ ايف ڊبليو او ۽ ايس بي سي اي سميت ٻين ادارن کان مدد جي لاءِ کين خط به لکي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔